October 26, 2021

پٽ جي گرفتاري کان پوءِ شاهه رخ خان کي وڏو معاشي ڌڪ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آريان خان جي منشيات ڪيس ۾ ملوث هجڻ تي بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان کي مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب مشهور ايجوڪيشنل ٽيڪنالوجي ڪمپني بائيجوس شاهه رخ خان جا سڀ اشتهار روڪي ڇڏيا آهن.

رپورٽ موجب شاهه رخ خان بائيجوس سان گڏ 2017ع کان ڪم ڪري رهيو آهي پر هن جي پٽ آريان خان جي منشيات ڪيس ۾ گرفتاري کان پوءِ ڪمپني اهي سڀ اشتهار ورڪي ڇڏيا آهن جن ۾ شاهه رخ خان موجود آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب آريان خان جي گرفتاري کان پوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان بائيجوس کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته هو پنهنجي برانڊ ايمبيسيڊر کي تبديل ڪن، ڇو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو پنهنجي ٻار جي تربيت نٿو ڪري سگي ان جو تعليم بابت ايپ جي مشهوري ڪرڻ نامناسب آهي ۽ اهو پاڻ ڪمپني لاءِ به فائديمند نه آهي.

واضح رهي ته شاهه رخ خان مختلف برانڊز جو ايمبيسيڊر آهي جن ۾ بائيجوس به شامل هئي ۽ برانڊ جي مشهوري تي ڪمپني کان هن کي هر سال 3 کان چار ڪروڙ رپيا ملندا هئا.