October 26, 2021

ڪورونا وائرس آئمه بيگ جي يادداشت وڃائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سريلو آواز رکندڙ من موهڻي گلوڪارا آئمه بيگ کي پنهنجي ئي ڳايل گيتن جا ٻول وسري ويا.

آئمه بيگ جي سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کيس سريلي آواز ۾ گيت ڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

ان ويڊيو ۾ آئمه بيگ پاڪستاني فلمن ۾ ڳايل پنهنجا گيت ٻڌائي يادون تازيون ڪري رهي آهي، ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آئمه بيگ پنهنجي ئي ڳايل گيتن جا ٻول وساري ويٺي آهي.

آئمه بيگ ٻه گيت ڳائي ٿي ۽ ٻنهي جا بول وسارڻ تي کلڻ لڳي ٿي.

ان ويڊيو ۾ نوجوان گلوڪارا پنهنجي گيتن جا ٻول وسارڻ تي چئي ٿي ته ”اهو سڀ ڪووڊ 19 جي ڪري ٿي رهيو آهي“.