October 26, 2021

ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچڻ کانپوءِ قومي اسڪواڊ کي ٽريننگ جي اجازت ملي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ کي ٽريننگ جي اجازت ملي وئي.

قومي اسڪواڊ ۾ شامل سڀني ميمبرن جي ارائيول ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ ناڪاري اچي وئي، جنهن کانپوءِ اسڪواڊ کي ٽريننگ جي اجازت ڏني وئي آهي.

قومي اسڪواڊ آچر تي نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ٽريننگ ڪندو، جڏهن ته سومر ۽ اڱاري تي قومي اسڪواڊ جا ٽريننگ سيشنز ايل سي سي گرائونڊ لاهور ۾ ٿيندا.

پاڪستاني اسڪواڊ 14 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ سينيريو ميچ کيڏندو، جڏهن ته اسڪواڊ ميگا ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ 15 آڪٽوبر تي دبئي لاءِ روانو ٿيندو.