October 26, 2021

ڪڻڪ بابت الزام رد، حڪومت مقامي آبادگارن بدران پرڏيهين کي فائدو پهچائي رهي آهي: مراد علي شاهه

1 min read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪڻڪ بابت وفاق جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت مقامي آبادگارن کي نظرانداز ڪري پرڏيهين کي فائدو پهچائي رهي آهي.

عمر شريف جي رهائشگاهه ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت هر وقت سنڌ لاءِ نوان امتحان ۽ مسئلا پيدا ڪندي رهي ٿي، اسان 1970 کان وٺي ڪيترائي ڀيرا حڪومت ۾ رھيا آھيون، اسان ڄاڻون ٿا ته حڪومت ڪيئن هلائبي آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ هر سال 15 آڪٽوبر تي يا ان کانپوءِ جاري ڪندي آهي، مارچ- اپريل ۾ ڪڻڪ لهندي آهي، اسان چيو هو ته اسان وٽ رڪارڊ ڪڻڪ ٿي آھي پر رڳو ذخيري لاءِ ٿورو کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جي ضرورت سال جي آخر ۾ هوندي آھي، اسان تي گذريل سال دٻاءُ وڌو ويو پر اسان ان دٻاءَ ۾ نه آياسين.

سندس چوڻ هو ته حڪومت جي پاليسي سبب مون کي ڊپ آهي ته اٽي جا اگهه ڪنٽرول نه ٿي سگهندا پر سنڌ حڪومت پنهنجي ڪوشش جاري رکندي، ڇو ته اسان ڪڻڪ جي في ٻوري 5000 رپيا مقرر ڪئي ۽ پنهنجي آبادگارن کي فائدو پهچايو پر وفاقي حڪومت 6600 في ٻوري امپورٽ ڪري رهي آهي ته اگهه ڪنٽرول ۾ ڪيئن ٿيندا؟ حڪومت ٻاهرين آبادگارن کي فائدو ڏئي رهي آهي ۽ پنهنجي آبادگارن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت موجب سنڌ حڪومت ملڪ ۾ مھنگائي جو طوفان آڻڻ ۾ مبتلا آهي، جيڪڏهن ائين آهي ۽ سنڌ حڪومت ايڏي طاقتور آھي جو وفاق سميت ٽن صوبائي حڪومتن کي منهن ڏئي ٿي ۽ توهان ملڪ نٿا هلائي سگهو ته ڇڏيو پچر، اسان صحيح نموني ملڪ کي هلائي ڏيکاريون ٿا.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته صوبي جا ماڻهو، جيڪي گئس ۾ خود ڪفيل آهن، اڄ اهي گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.