November 28, 2021

آزاد ڪشمير ننڍي چونڊ: ميرپور ۾ تحريڪ انصاف ڪامياب، ڪوٽلي ۾ پ پ کي سرسي

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي ٻن تڪن تي چونڊن ۾ ايل اي 3 ميرپور ۾ تحريڪ انصاف ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته ايل اي 12 ڪوٽلي ۾ پ پ کي سرسي حاصل آهي.

آزاد ڪشمير جي ٻن تڪن ايل اي 12 ڪوٽلي ۽ ايل اي 3 ميرپور ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت صبح 8 وڳي کان شروع ٿيو، جيڪو شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهيو.

ايل اي 3 ميرپور جي سيٽ آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود ۽ ايل اي 12 ڪوٽلي چڙهوئي جي سيٽ پ پ سان واسطو رکندڙ آزاد ڪشمير اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري محمد ياسين خالي ڪئي هئي.

ايل اي 3 ميرپور

آزاد ڪشمير جي تڪ ايل اي 3 ميرپور ۾ 148 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، تڪ ۾ ڪُل ووٽرن جو انگ 85 هزار 917 آهي، اهو چونڊ تڪ خان پور، کاڙڪ، رٺوعه محمد علي، ٿوٿال، سنگهوٽ، ميونسپل ڪارپوريشن جي علائقن ۽ نيو سٽي جي اي کان وٺي ايف تائين سيڪٽرن جي علائقن تي ٻڌل آهي.

تڪ جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف اميدوار ياسر سلطان چوڌري 20 هزار 142 ووٽ کڻي ميدان ماري ورتو آهي، جڏهن ته ن ليگ جي چوڌري سعيد 11 هزار 608 ووٽ کنيا.

ايل اي 12 ڪوٽلي

ايل اي 12 ڪوٽلي چڙهوئي ۾ ووٽرن جو مجموعي انگ 6 هزار 428 آهي، اهو تڪ دوليا جٽان، ڪالا ڊپ، چڙهوئي شهر، ڌمال ۽ لائن آف ڪنٽرول تائين پکڙيل آهي.

تڪ ۾ 198 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون ، جن مان 101 کي حساس ترين ۽ 36 کي حساس قرار ڏنو ويو هو.

ان تڪ جي 198 مان 188 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار چوڌري عامر ياسين 23 هزار ووٽن سان اڳتي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف اميدوار چوڌري شوڪت فريد 17 هزار ووٽن سان ٻئي ۽ ن ليگ جو راجا رياست 10 هزار 197 ووٽن سان ٽئين نمبر تي آهي.