October 26, 2021

افغانستان ۾ امن پهرين ترجيح آهي، دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو: پرڏيهي وزير

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ دنيا اسان جي ڪوششن کي ڏسي رهي آهي.

ملتان مان جاري ڪيل بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي امن اسان جي پهرين ترجيح آهي، ڪابل ۾ امن سان خطي ۾ امن ٿيندو، پاڪستان افغان امن عمل سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام جون ڪوششون جاري رکندو.

هن چيو ته دنيا اسان جي ڪوششن کي ڏسي رهي آهي، خطي ۾ ڊگهي امن لاءِ عالمي برادري کي هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، والاريل ڪشمير ۾ رهندڙن جي ڏکيائين کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين کي ڀارتي قابض فوج مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌڻو پوندو