October 26, 2021

اپوزيشن جماعتون منافق نڪتيون، عوام اسان جو ساٿ ڏئي: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀني اپوزيشن پارٽين کي منافق قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سان مقابلي لاءِ عوام ساٿ ڏئي.

لاڙڪاڻي ۾ پارٽي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رڳو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي وفاقي حڪومت خلاف ڄمي مقابلو ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي، اپوزيشن پارٽيون وڪامجي چڪيون آهن ۽ منافق آهن، ڪڏهن زور پيون لڳائن ته ڪڏهن چُپ ويهي رهن ٿيون، تنهن ڪري هاڻي عوام کي پ پ جو ساٿ ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت هر پاڪستاني کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، پ پ جي ذميواري آهي ته هر غريب جو آواز بڻجي، جنهن جي حق تي سليڪٽيڊ حڪومت ڌاڙو هنيو آهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي گهر ڏنا، عمران خان اهي گهر کسي ڇڏيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوام کي روزگار ڏنو، عمران خان روزگار کسي ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته ڪارڪن پنهنجي جدوجهد تيز ڪن، مان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ڀٽو ازم جي پيغام کي پهچائي رهيو آهيان، پ پ نه رڳو ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندي پر عوام جي سهڪار سان حڪومت به ٺاهيندي.