November 28, 2021

جيو لڪس ايوارڊ 2021: دانش تيمور وڏو ايوارڊ ماڻي ورتو

اداڪار دانش تيمور جيو جي ڊرامي ديوانگي ۾ بهترين اداڪاري تي ايوارڊ ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

اداڪار دانش تيمور کي لڪس اسٽائل ايوارڊز ۾ مداحن طرفان فيورٽ اداڪار قرار ڏنو ويو.

مداحن طرفان پسنديدگي تي دانش تيمور 20هين لڪس اسٽائل جو ايوارڊ حاصل ڪيو آهي، جڏهن ته دانش تيمور مصروفيت جي ڪري ايوارڊ تقريب ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو.

دانش تيمور جي لاءِ ايوارڊ فلم اسٽار ميرا ۽ ريشما پيش ڪيو، جڏهن ته ان تقريب جي احسن خان ۽ احمد علي بٽ ميزباني ڪري رهيو هيا هئا.

جنهن ۾ مشهور ڊرامي ديوانگي کي سيونٿ اسڪائي پروڊڪشن پروڊيوس ڪيو جڏهن هن ڊرامي جي اداڪارا حبا بخاري کي به مداحن طرفان فيورٽ قرار ڏنو ويو.

ناليواري اداڪارا يمنيٰ زيدي به ڊرامي ”پيار ڪي صدقي“ ۾ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.