November 28, 2021

روس ۾ جهاز ڪِري تباهه، 19 ڄڻا فوت

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي علائقي تاتارستان ۾ ننڍو جهاز ڪِري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا.

روسي ميڊيا موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙ ايل 140 جهاز ۾ تقريبن 22 ڄڻا سوار هئا، حادثي وقت جهاز ۾ 2 پائلٽ ۽ 20 اسڪاءِ ڊائيورز موجود هئا.

ميڊيا رپورٽن موجب حادثي ۾ 19 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي آهن.

روسي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جا سبب اڃا تائين معلوم ناهن ٿي سگهيا پر واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.