October 26, 2021

مراد علي شاهه جي ڊاڪٽر عبدالقدير جي جنازي نماز ۾ شرڪت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسلام آباد ۾ محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقادر خان جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.

وزيراعليٰ هائوس طرفان ٽوئيٽر تي مراد علي شاهه جي جنازي نماز ۾ شرڪت جون تصويرون به جاري ڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڦڦڙن ۾ تڪليف سبب اڄ اسپتال نيو ويو هو، جتي هو حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.

قومي هيرو ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز جي امامت پروفيسر ڊاڪٽر محمد الغزالي ڪئي، جنهن ۾ قائم مقام صدر ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کانسواءِ سول، ملٽري اختيارين ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز کانپوءِ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو مڙهه تدفين لاءِ ايڇ 8 قبرستان اسلام آباد نيو ويو، جتي ان جي تدفين ڪئي وئي.

جنازي نماز کان اڳ ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي پاڪ فوج جي دستي سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته جنازي نماز جي موقعي تي برسات به ٿيندي رهي.