November 28, 2021

وزيراعظم جو رحمت للعالمين صه اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان رحمت للعالمين صه اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ رحمت للعالمين صه ڪانفرنس سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسان ان ذريعي سيرت نبي صه ٻارن ۽ وڏن کي پڙهائڻ جو طريقي ڪار طئي ڪنداسين.

هن اٿارٽي جي نگراني پاڻ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسان اٿارٽي جي چيئرمين جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، دنيا جي بهترين مذهبي اسڪالر کي چيئرمين بڻايو ويندو، جيڪو اسلام بابت دنيا کي آگاهه ڪندو.

سندس چوڻ هو ته اٿارٽي ذريعي اسڪولن جي نصاب جي نگراني ڪئي ويندي.