November 28, 2021

يمني شهر عدن جي گورنر تي قاتلاڻو حملو، 5 ڄڻا مارجي ويا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن جي شهر عدن ۾ گورنر جي قافلي تي ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.

عرب ميڊيا موجب يمن جي شهر عدن ۾ گورنر جي قافلي کي ڪار بم ڌماڪي سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته خوش قسمتي سان گورنر ۽ ان جو وزير محفوظ رهيا.

فوجي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ 3 اهلڪارن سميت 5 ڄڻا زخمي به ٿيا، جن ۾ هڪ ٻار پڻ شامل آهي.