October 26, 2021

ڊاڪٽر عبدالقدير جي لاڏاڻي تي شوبز شخصيتون به ڏُکاريون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي شوبز شخصيتن به افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

ڊاڪٽر عبدالقدير خان ڦڦڙن ۾ تڪليف سبب 85 ورهين جي ڄمار ۾ اڄ صبح اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن تي سڄي قوم ڏُک ۾ ورتل آهي.

ناليواري سائنسدان جي لاڏاڻي تي شوبز شخصيتن به افسوس جو اظهار ڪندي خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

اداڪار عدنان صديقي ٽوئيٽر تي لکيو ته ”اڄ اسان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ڪري هڪ ايٽمي طاقت آهيون، الله کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي“.

اداڪار احسن خان ٽوئيٽر تي چيو ته ” ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي خدمتن اسان جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪيو ۽ اسان کي مضبوط بڻايو، اسان سدائين ان جا ٿورائتا رهنداسين“.

اداڪارا صبا قمر محسن پاڪستان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي پاڪستان لاءِ خدمتن تي سندس ٿورا مڃيا.

گلوڪار علي ظفر، اداڪار همايون سعيد، اداڪار عمران عباس، اداڪار حبا بخاري ۽ ٻين پڻ ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي وڇوڙي تي ڏُک جو اظهار ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سندس مغفرت لاءِ دعا ڪئي.