October 26, 2021

رميز راجا پهرئين پرڏيهي دوري تي دبئي هليو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئرمين رميز راجا پهرئين پرڏيهي آفيشل دوري تي دبئي هليو ويو.

رميز راجا ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ جمعي تي واپس موٽي ايندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب رميز راجا دبئي ويو آهي، اهو چيئرمين بڻجڻ کانپوءِ رميز راجا جو پهريون پرڏيهي دورو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رميز راجا اي سي سي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو، جيڪو هلندڙ هفتي شيڊيول آهي.

پي سي بي چيئرمين گڏيل عرب امارتن ۾ پنهنجون مصروفيتون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ جمعي ڏينهن واپس پاڪستان موٽي ايندو.