October 26, 2021

سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪو بگاڙ ناهي، عمران خان 5 سال پورا ڪندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ايف آءِ اي گهيرو ڪندي 5 ڪمپنين جي آڊٽ جو به فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير جي جنازي نماز تي گهرو وزارت بهترين انتظام ڪيا ۽ محسن پاڪستان کي گهرو وزارت سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو، وزيراعظم جي هدايت هئي ته تدفين فيصل مسجد ۾ ڪئي وڃي پر گهر ڀاتين جي مرضي موجب ايڇ ايٽ ۾ تدفين ڪئي وئي.

هن چيو ته ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ايف آءِ اي گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 وڏين ڪمپنين جي آڊٽ جو فيصلو ڪيو آهي، 88 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 47 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، ڊالر جيڪڏهن قانون طريقي سان افغانستان موڪليو ويو ته ان تي ڪسٽمز کي جاچ ڪرڻ گهرجي، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ گهرو وزارت ماتحت ناهي، اسان جو ڪم رڳو هولڊنگ آهي.

شيخ رشيد پي ڊي ايم کي مخاطب ٿيندي چيو ته احتياط جي ضرورت آهي، پاڪستان پنهنجي تاريخ جي حساس ترين وقت مان گذري رهيو آهي، پي ڊي ايم جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، ائين نه ٿئي جو انهن جي ئي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سول ملٽري لاڳاپن جي حوالي سان ڪو مسئلو ناهي، جڏهن ته ٽرانسفر ٿيندي آهي معمول موجب ٿيندي آهي، سڀ معاملا ٺيڪ آهن، عمران خان 5 سال پورا ڪندو، سول ملٽري لاڳاپن تي فواد چوڌري ۽ پرويز خٽڪ جواب ڏئي سگهن ٿا.