October 25, 2021

شاهه رخ خان کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ ڇڏي ڏنو

منشيات ڪيس ۾ پُٽ جي گرفتاري کانپوءِ باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان گهڻو پريشان ٿي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب وڏي پُٽ آريان جي گرفتاري اداڪار کي گهڻو متاثر ڪيو آهي جڏهن هي وقت سندس زندگي جو ڏکئي ۾ ڏکيو وقت آهي.

شاهه رخ خان جي ويجهي دوست ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار پنهنجو پاڻ کي گهڻو پرسڪون ۽ مطمين ظاهر ڪري رهيو آهي پر حقيقت ۾ اهو ڏک ۽ ڪاوڙ واري ڪيفيت ۾ آهي.

اداڪار جي دوست ٻڌايو آهي ته جڏهن کان آريان خان گرفتار ٿيو آهي تڏهن کان وٺي شاهه رخ خان سمهي ناهي سگهيو، نه ئي هو صحيح نموني کائي پي رهيو آهي، پُٽ جي گرفتاري کيس گهڻو جهوري وڌو آهي.

رپورٽن موجب شاهه رخ جو خيال هو ته آريان جي ضمانت منظور ٿي ويندي ۽ هو گهر اچي ويندي جڏهن ته سومر کان هڪ کي ڪم شروع ڪرڻو هو پر اميدن جي ابتڙ ممبئي جي عدالت اهڙي درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري اداڪار پنهنجي ڪم کي وري ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.