November 28, 2021

ڀارتي قابض فوج جي دهشتگردي، وڌيڪ 2 ڪشميري شهيد

سري نگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي دهشتگردي جي ڪري وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا.

ڪشميري ميڊيا سروس (ڪي ايم سي) موجب ڀارتي فوج ٻنهي ڪشميرين کي بانڊي پورا ۽ ضلع اسلام آباد ۾ شهيد ڪيو.

ڪي ايم سي چيو ته ڀارتي فوج ٻنهي نوجوانن کي پڇا ڳاڇا ۽ سرچ آپريشن جي آڙ ۾ شهيد ڪيو ويو.

انکانسواءِ قابض فوج بانڊي پورا ۽ اننت ناگ ۾ آپريشن جي آڙ ۾ 5 ڪشميرين کي گرفتار به ڪيو.

ياد رهي ته قابض ڀارتي فوج ڪريڪ ڊائون ڪندي 900 کان مٿي نوجوانن کي گرفتار ڪيو هو.