October 26, 2021

ڊاڪٽر عبدالقدير جي خط تي مراد علي شاهه جو ردعمل به اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي خط بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو موقف به سامهون اچي ويو.

مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي 4 آڪٽوبر تي آخري خط لکيو هو، جنهن ۾ هن گَل موڪلڻ تي سندس ٿورا مڃيا هئا ۽ چيو هو ته منهنجي طبعيت هاڻ بهتر آهي.

ان خط جي حوالي سان مراد علي شاهه چيو ته ڊاڪٽر قدير جي طبعيت جو ٻڌي ڏاڍو پريشان ٿيس ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ کيس گلدستو موڪليو هو، جواب ۾ ڊاڪٽر قدير جي لکيل تحرير دل جي گهرو اثر ڇڏيو ۽ اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته سندس طبعيت هاڻ بهتر آهي.

هن چيو منهنجي خواهش هئي ته پاڻ اسلام آباد وڃي ڊاڪٽر قدير سان ملان پر بدقسمتي سان هو اسان کان وڇڙي ويو.

سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر قدير جي قوم لاءِ خدمتن کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي، حقيقت ۾ پاڪستان ان جو قرضي آهي، الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.