November 28, 2021

آءِ ايس آءِ چيف لاءِ 3 کان 5 نالا ايندا، وزيراعظم نئين ڊائريڪٽر جنرل جي منظوري ڏيندو: عامر ڊوگر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار عامر ڊوگر چيو آهي ته عمران خان چاهيو ته ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڪجهه مهينا عهدي تي رهي.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عامر ڊوگر چيو ته وزيراعظم افغان صورتحال سبب ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي رکڻ پئي چاهيو، وزيراعظم جو چوڻ هو ته ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم سٺو پيشيور سپاهي آهي.

هن چيو ته حڪومت سڀني ادارن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي، وزيراعظم جي باڊي لينگويج هاڪاري هئي ۽ هو پراعتماد هو، وزيراعظم ڪابينا ۾ چيو ته آرمي چيف سان مثالي لاڳاپا آهن.

سندس چوڻ هو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ 3 کان 5 نالا ايندا، انهن مان وزيراعظم نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي منظوري ڏيندو، وزيراعظم چيو ته منهنجي ڪا انا ناهي، هو ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو ۽ عوام جو چونڊيل نمائندو آهي ۽ آرمي چيف ۽ ان آفيس جي به هڪ عزت ۽ احترام آهي.

واضح رهي ته وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو هو ته پاڪستان جي ملٽري ۽ سول قيادت ۾ سٺا لاڳاپا آهن، گذريل رات وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ڊگهي ملاقات ٿي، ڪڏهن به وزيراعظم آفيس اهڙو قدم نه کڻندي، جنهن سان فوج جي سپهه سالار جي عزت گهٽجي.

هن چيو هو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ قانوني طريقي ڪار اختيار ڪيو ويندو ۽ سمورا آئيني ۽ قانوني تقاضا پورا ڪيا ويندا.