October 26, 2021

آريان جي گرفتاري: شاهه رخ جو سلمان خان جي مشوري تي وڏو فيصلو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ ڪنگ ۽ دبنگ خان جي دوستي ۽ ويجهڙائي گهڻي مشهور آهي، ٻنهي اداڪاران جي دوستي کي مداح به گهڻو پسند ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن انهن ۾ ويڇا وڌڻ جون خبرون اينديون آهن ته مداحن جي دل گهڻي ٽٽي پوندي آهي.

منشيات ڪيس ۾ شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي گرفتاري کانپوءِ سلمان خان باليووڊ ڪنگ جي گهر پهتو هو جنهن کانپوءِ باليووڊ ڪنگ شاهه رخ جو بيان سامهون آيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته جيڪڏهن منهنجي فيملي ڪنهن به تڪليف ۾ هوندي ته سلمان خان اسان سان هر وقت گڏ هوندو.

ان حوالي سان ميڊيا رپورٽون آيون آهن ته سلمان خان، شاهه رخ خان کي آريان جو وڪيل مٽائڻ جو مشورو ڏنو هو جنهن تي شاهه رخ وڏو فيصلو ڪيو آهي.

شاهه رخ خان آريان جي ڪيس ۾ وڪيل مٽائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اهو ڪيس ممبئي جو سينيئر وڪيل اميت ديسائي آريان جو ڪيس وڙهندو.