November 28, 2021

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ به ”رحمت اللعالين صه“ ڏهاڪو ملهائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني تعليمي ادارن ۾ به رحمت اللعالين صه ڏهاڪو ملهائڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

سنڌ جي تعليم کاتي سڀني ضلعن جي ڊائريڪٽر جنرلز کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 3 کان 13 ربيع الاول تائين رحمت اللعالين صه ڏهاڪو ملهايو ويندو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته انهن ڏينهن ۾ تعليمي ادارن ۾ سيمينار، ڪانفرنسون، نعت، قرات مقابلا ۾ ٿيندا، ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي انعام ڏنا ويندا.

خط موجب عالمن جي تقريرن ۽ تحريرن تي به زور ڏنو ويندو، تقريرن ۽ تحريرن جو موضوع سيرت، مذهبي هم آهنگي هوندو، ان دوران ڪورونا ايس او پيز تي به مڪمل عمل ڪيو ويندو.