August 9, 2022

سپريم ڪورٽ سعد رضوي جي آزادي جي فيصلي تي عمل روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ڪالعدم ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جي آزادي جي فيصلي تي عمل روڪي ڇڏيو ۽ معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ موڪلي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد رضوي جي آزادي جي فيصلي خلاف پنجاب حڪومت جي درخواست تي جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته افسوسناڪ واقعي ۾ 3 پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، هاءِ ڪورٽ جي نظرثاني بورڊ سعد رضوي جي نظربندي ۾ واڌ نه ڪئي.

جسٽس مظاهر نقوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا دهشتگردي روڪ قلمن تحت نظربندي جو ڪو گزٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو هو؟ جنهن تي وڪيل چيو ته ها جاري ڪيو ويو هو.

سعد رضوي جي وڪيل چيو ته حڪومت وٽ 90 ڏينهن کانپوءِ نظربندي ۾ واڌ جو اختيار ناهي، جڏهن ڏڦيڙ ٿيو، ان کان اڳ ۾ سعد رضوي جيل ۾ آهي، سعد رضوي بنا ڪنهن سبب جي 6 مهينن کان جيل ۾ قيد آهي.

جسٽس مظاهر نقوي چيو ته شايد ٻنهي ڌرين طرفان ڪيس کي درست طريقي سان ڊيل نه ڪيو ويو، ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي، ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ کي موڪلي ٿا ڇڏيون.

سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني خاص بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪري.

واضح رهي ته لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان سعد رضوي جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سعد رضوي جي آزادي جو حڪم ڏنو هو.

ڊپٽي ڪمشنر لاهور پنهنجي حڪم ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي پهرين آڪٽوبر جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو هو ته مان سعد رضوي جي بنا دير آزادي جي اجازت ڏيان ٿو.

ياد رهي ته سعد رضوي کي پوليس 12 اپريل تي حراست ۾ ورتو هو، مٿس الزام هو ته هن پنهنجي ڪارڪنن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ لاءِ اڪسايو، ڇو ته ٽي ايل پي سربراهه موجب حڪومت فرانسيسي سفير کي ڪڍڻ جو پنهنجو واعدو پورو نه ڪيو

Follow by Email
YouTube
YouTube