October 26, 2021

محبوبا مفتي کي آريان خان جي حمايت ڳچي ۾ پئجي وئي

سري نگر(ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبا مفتي کي بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ ان جي پُٽ آريان خان جي حق ۾ بيان ڏيڻ مهانگو پئجي ويو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب محبوبا مفتي خلاف دهلي جي هڪ وڪيل طرفان شڪايت داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ آريان جي گرفتاري جي بابت محبوبا مفتي جي بيان کي نامناسب قرار ڏنو ويو آهي.

وڪيل پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته محبوبا مفتي خلاف فوري طور تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.