October 26, 2021

وزيراعظم ۽ آرمي چيف ۾ ملاقات، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت ڳالهيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه جي بني گالا ۾ ملاقات ٿي آهي.

ملاقات جي حوالي سان اندرين ڪهاڻي سامهون آئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ون آن ون ملاقات جي تجويز ٻن وزيرن طرفان ڏني وئي هئي.

ذريعن ٻڌايو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي لاءِ ٽن نالن جي سمري ٻيهر موڪلڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي حوالي سان ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو ڪردار اهم آهي.

عمران خان چيو آهي ته ليفٽيننٽ فيض حميد مارچ 2022 تائين ڊي جي آءِ ايس آءِ رهي ها ته بهتر هو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آرمي چيف وزيراعظم عمران خان کي چيو ته ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي لاءِ ڪور ڪمانڊ ڪرڻ به تمام اهم آهي.

ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي لاءِ لکت ۾ سمري وزيراعظم هائوس کي نه ملي هئي.

ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ چيو ويو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت پهريون زباني طور صلاح مشورو ٿيو هو.