October 26, 2021

ڀارتي ميڊيا پنهنجي ٽيم کي خطرناڪ پاڪستاني بيٽسمينن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران خطرناڪ پاڪستاني رانديگرن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا.

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ سڀني ٽيمن طرفان تياريون زور شور سان جاري آهن، ميگا ايونٽ ۾ سڀ کان وڏو پاڪ – ڀارت دنگل 24 آڪٽوبر تي دبئي ۾ ٿيندو.

پاڪ – ڀارت ميچ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽرن ۽ تجزئي نگارن طرفان هاڻ کان ئي مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستاني رانديگرن بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان سان مقابلي دوران ڀارتي ٽيم کي وڏو خطرو ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان مان آهي، ٻئي پليئر پاور پلي اوورن ۾ شاندار آهن.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻنهي اوپننگ جوڙيءَ طور 521 رنسون جوڙيون آهن، بابر اعظم ۽ محمد رضوان پارٽنر شپ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون آهن.

واضح رهي ته محمد رضوان هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهڻ جو اعزاز پاڻ وٽ رکي ٿو، اهو رڪارڊ هن هلندڙ سال جولاءِ ۾ ئي جوڙي ڇڏيو هو.