November 28, 2021

ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ سُٺي خبر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي جي بي اي ايل ايل بي (آنرس) ۽ ايل ايل بي جي آخري سال جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ واري تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

هڪ پڌرائي موجب بي اي ايل ايل بي (آنرس) ۽ ايل ايل بي جي آخري سال جي سالياني امتحانن لاءِ امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 20 آڪٽوبر 2021 تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

ڪراچي يونيورسٽي جي امتحانن واري شعبي جي ڊاريڪٽر ڊاڪٽر سيد ظفر حسين چيو ته بي اي ايل ايل بي (آنرس) ۽ ايل ايل بي جي آخري سال جي سالياني امتحانن لاءِ امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ شاگردن جي سهولت جي لاءِ ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته شاگرد پنهنجا امتحاني فارم 12750 رپين جي فيس سان گڏ لاڳاپيل ڪاليجن ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا.

ڊاڪٽر سيد ظفر حسين جو چوڻ هو ته اهڙا شاگرد جيڪي 2014 يا انکان اڳ جا داخل ٿيل آهن، انهن کي امتحاني فيس سان گڏ 5000 واڌو فيس به جعم ڪرائڻي پوندي.