October 26, 2021

افغانستان ۾ ”بازارِ مجاهدين“ قائم ٿي وئي

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ اقتدار ۾ ايندڙ طالبان جي حڪومت ڪابل جي مشهور ”بش بازار“ جو نالو تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

اها بازار 2001 ۾ افغانستان تي آمريڪي حملي کانپوءِ قائم ٿي هئي ۽ ان جو نالو آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش جي نالي تي بش بازار رکيو ويو هو.

افغان ميڊيا رپورٽن موجب طالبان هاڻي ان بازار جو نالو ”مجاهدين بازار“ رکي ڇڏيو آهي ۽ بازار جي داخل ٿيڻ واري دروازي تي نئين نالي جو بينر به لڳايو ويو آهي.

ان کان اڳ طالبان ڪابل جي هوائي اڏي ۽ ڪابل يونيورسٽي جو نالو به تبديل ڪيو هو.