October 26, 2021

حڪمرانن کي ملندڙ تحفا عوام جا آهن، پبلڪ ڪرڻ تي پابندي ڇو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم کي ملندڙ تحفن بابت ڪيس ۾ چيو آهي ته حڪومت کي گهرجي ته گذريل 10 سالن جا تحفا پبلڪ ڪري، ڪهڙي ملڪ ڪيتري محبت سان تحفو ڏنو اهو عوام کي ٻڌائڻ سان لاڳاپا ڪيئن خراب ٿيندا؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم عمران خان کي ملندڙ تحفن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن دفاعي تحفو هجي ته بي شڪ نه ٻڌايو پر هر تحفي کي پبلڪ ڪرڻ تي پابندي ڇو؟ ڪنهن ملڪ هار تحفي ۾ ڏنو ته پبلڪ ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟

عدالت چيو ته حڪمرانن کي ملندڙ تحفا انهن جا نه پر عوام جا آهن، ڪو عوامي عهدو نه هجي ته ڇا عهدن تي ويٺل ماڻهن کي تحفا ملندا؟ حڪومت سڀ تحفا ميوزيم ۾ ڇو نٿي رکي؟

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو حڪومت کي گهرجي ته گذريل 10 سالن جا تحفا پبلڪ ڪري ڇڏي، حڪومت اهو به ٻڌائي ته ڪيترن تحفن جو ايف بي آر کان ڪاٿو لڳرايو؟ ڪنهن ملڪ ڪيتري محبت سان تحفو ڏنو، اهو عوام کي ٻڌائڻ سان لاڳاپا ڪيئن خراب ٿيندا؟

عدالت چيو ته حڪومت ٻين ملڪن کان ملندڙ تحفا ٻڌائڻ تي لَڄي ڇو ٿي رهي آهي؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت طرفان جواب لاءِ مهلت جي اپيل تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.