October 26, 2021

سلمان خان جو مُک وڪيل آريان خان جو ڪيس وڙهڻ لڳو

شاهه رخ خان جي پُٽ آريان جي لاءِ سلمان خان کي ”هِٽ اينڊ رن“ ڪيس مان آزادي ڏياريندڙ وڪيل اميت ديسائي کي هائر ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب شاهه رخان اميت ڊيسائي جي ذريعي آريان خان جي ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ان کان اڳ اهو ڪيس ستيش مان شيندي نالي وڪيل ضمانت جي ڪيس جي پيروي ڪري رهيو هو.

تازو ئي ٿيل ٻڌڻي دوران نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته اين سي بي کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي جو وڌيڪ وقت ڏنو وڃي ڇو ته منشيات ڪيس جون ڪيتريون ئي ضمانتون ٻڌڻي هيٺ آهن.

اين سي بي جي وڪيل جي بيان تي اميت ديسائي چيو ته آريان خان هڪ هفتي کان جيل ۾ آهي، ضمانت واري درخواست لاءِ جاچ تي ڀاڙڻ جي ضرورت ناهي، منهنجو موقف ضمانت تي بحث ڪرڻ پر تاريخ تي بحث ڪرڻ آهي.

اميت ديسائي چيو ته اين سي بي جي انتظامي سببن جي ڪري ڪنهن جي آزادي کي روڪي نٿو سگهجي، ان جي جاچ جاري رهي سگهي ٿي ۽ جيستائين آريان جي ڳالهه ڪجي ته ان جي سزا وڌ ۾ وڌ هڪ سال ئي ٿي سگهي ٿي.

واضح رهي ته اميت ديسائي اهو وڪيل آهي جنهن 2015 ۾ هٽ اينڊ رن ڪيس ۾ سلمان خان کي بري ڪرايو هو جيڪو مٿس 2002 ۾ ڪيس لڳايو ويو هو.