November 28, 2021

طالبان جو آپريشن، داعش جا 4 ويڙهاڪ مارجي ويا

ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان عالمي دهشتگرد تنظيم داعش خراسان جي خلاف آپريشن تيز

ڪري ڇڏيو.

افغان ميڊيا رپورٽن موجب طالبان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان افغان صوبي ننگرهار ۾

دهشتگرد تنظيم داعش خراسان خلاف آپريشن جاري آهي.

رپورٽن ۾ چيو ويو ته طالبان فورسز صوبي جي گادي واري هند جلال آباد ۾ ٻن الڳ الڳ

جاين تي آپريشن ڪيو.

آپريشن دوران داعش جا 4 ويڙهاڪ مارجي ويا، جڏهن ته وڌيڪ تفصيل سامهون ناهن آيا.