November 28, 2021

عمران اسماعيل مهانگائيءَ جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، پي ٽي آءِ انهن حالتن جي ابتڙ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪيو آهي.

گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته هر جاءِ تي مهانگائي جو چرچو آهي، اپوزيشن ۽ هارايل سياستدان به پرپئگنڊا ڪري رهيا آهن، اهو سمجهڻ ضروري آهي ته پنجاب ۾ 55 رپيا ڪلو اٽو موجود آهي پر سنڌ ۾ 74 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي، اٽي جي مهانگي فراهمي جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي.

هن چيو ته گرين لائن منصوبي جون باقي 40 بسون ڪراچي پهچي رهيون آهن، جنهن کانپوءِ بسن جو انگ 80 ٿي ويندو، ان کانسواءِ گرين لائن بسن جي ڊرائيورن جي ٽريننگ به هلي رهي آهي ۽ هڪ مهيني ۾ بسون هلائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جڏهن ته ڪي سي آر مڪمل ٿيڻ ۾ ٻه سال لڳندا.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ صحت ڪارڊ نه ڏئي سگهياسين، ڇو ته صوبائي حڪومت ان کي رد ڪري ڇڏيو، ان کانسواءِ گهرن جي تعمير ۾ به سنڌ حڪومت طرفان رنڊڪون آهن.