August 9, 2022

قائداعظم يونيورسٽي جي وي سي جو منشيات وڪري جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)قائداعظم يونيورستي جي وائيس چانسلر انڪشاف ڪيو آهي ته يونيورسٽي جي ٻاهران ڪجهه هَٽ آهن جن ۾ منشيات جو وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪجهه مالڪ به ان وڪري ۾ملوث آهن.

قومي اسيمبلي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري ڪميٽي ۾ اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر يونيورسٽي جي ٻاهران هٽن ۾ منشيات وڪري جو انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته يونيورسٽي جي 700 ايڪڙ زمين تي به قبضو آهي.

ان موقعي تي انٽي نارڪوٽڪس اعجاز شاهه جو چوڻ هو ته جنهن ملڪ ۾ کنڊ، اٽو، دال نٿي ملي اتي اينٽي نارڪوٽڪس کي ڪهڙي ترجيح ملندي.

هن چيو ته اسان وٽ ڪو به بحالي سينٽر ناهي، پنجاب جو وڏي وزير 3 مهينا گهريا هئا هن وقت تائين هڪ به بحالي سينٽر ناهي ٺهيو.

هن ٻڌايو آهي ته نئين قانون ۾ ڀنگ ۽ چرس جهڙي منشيات تي ڪيس وڌايا ويا آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube