October 26, 2021

مسجد اقصيٰ ويجهو مسلمانن جو قديم ترين قبرستان ميساريو ويو

اسرائيل طرفان والاريل بيت القدس ۾ جارحيت جو سلسلو جاري آهي.

عرب ميڊيا رپورٽن موجب قابض اسرائيلي انتظاميا مسجد اقصيٰ ويجهو اليوسفيا جي مقام تي قائم قديم ترين مسلمانن جو قبرستان ڊاٿو ويو.

اسرائيلي ميونسپلٽي انتظاميا بلڊوزر سان قبرستان جون قبرون ڊاٿيون.

عرب ميڊيا موجب قبرون ڊاهڻ جي ڪري علائقي واسين مزاحمت ڪئي جنهن تي قابض انتظاميا کي ڪم روڪڻو پيو.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته قبرستان ۾ 1948 کان 1967 جي وچ ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جون قبرون آهن.

واقعي جي خلاف فلسطينين احتجاج ڪيو، مظاهرين تي اسرائيلي فوج فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ٻئي پاسي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) به والاريل بيت القدس ۾ مسلمانن جي قبرستان کي ڊاهڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.