October 26, 2021

منشيات ڪيس جو رخ مٽجي ويو، آريان جي وڪيل جي وڏي دعويٰ

ڪجهه ڏينهن کان وٺي باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي منشيات ڪيس ۾ گرفتاري بحث جو موضوع بڻيل آهي.

باليووڊ ستارا توڙي ڪنگ خان جا مداح اهڙي گرفتاري تي شاهه رخ خان ۽ سندس خاندان سان ڏک ونڊي رهيا آهن ۽ اهڙي ڏکي وقت ۾ ساڻن گڏ هجڻ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

آريان خان کي چرس پيئڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي وڪيل طرفان ٻه ڀيرا درخواست داخل ڪرائڻ جي باوجود آريان خان کي هن وقت تائين عدالت مان ضمانت نه ملي سگهي آهي.

گذريل ڏينهن شاهه رخان پنهنجي ويجهي دوست ۽ ساٿي اداڪار سلمان خان جي چوڻ تي هڪ وڏو فيصلو وٺندي آريان خان جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل تبديل ڪيو هو جنهن هاڻي ان حوالي سان نئون انڪشاف ڪندي هڪ دعويٰ ڪئي آهي.

آريان خان جي وڪيل اميت ڊيسائي ڇاپي دروان پنهنجي موڪل جي ڪروز تي موجودگي واري الزام کي ئي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

خاص اين ڊي پي ايس ڪورٽ ۾ آريان خان جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران اميت ڊيسائي چيو آهي ته آريان خان ڪروز تي موجود ئي نه هو، اهو الزام ئي ڪوڙو آهي.

هن چيو ته جنهن ڪريوز تي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) 2 آڪٽوبر تي ڇاپو هنيو ان تي آريان خان موجود ئي نه هو.

اميت ڊيسائي عدالت کي سامهون ٻڌايو ته منهنجي موڪل کي ڪروز تي وڃڻ کان اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو هو، آريان خان ۽ ارباز مرچنٽ جڏهن انٽري گيٽ تي پهتا ته اين سي بي جو ڇاپو اڳ ۾ جاري هو، اين سي بي کي منهنجي موڪل وٽان ڪجهه به هٿ ناهي آيو.

نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو جي وڪيل عدالت ۾ ٻڌايو ته آريان خان پنهنجي هوش ۽ حواس ۾ اتي ويو، آريان خان ۽ ارباز مرچنٽ هڪٻئي کي 10 سالن کان سڃاڻن ٿا، ارباز جيڪو منشيات پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو اها ان جي ئي استعمال لاءِ ئي هئي، اين سي بي کي هڪ يا ٻن ماڻهن سان ڪو به مطلب ناهي، اصل ڳالهه سڄي گروهه جي آهي ۽ اهي ان پارٽي ۾ هئا.

آريان جي وڪيل جوابي دليل ڏيندي چيو ته منهنجي موڪل خلاف اتي هجڻ ۽ منشيات استعمال ڪرڻ جو ڪيس داخل آهي جڏهن ته ان وٽ ڪي پيسا هئا نه ئي ڪنهن خريداري جو ارادو هو يا ڪو منصوبو هو ۽ نه ئي ان وٽ منشيات وڪري ڪرڻ يا استعمال ڪرڻ جي موجود هئي ۽ نه ئي آريان خان جو ان ڳالهه سان هن وقت تائين ڪو تعلق ثابت ٿيو آهي جن وٽان منشيات ملي يا جيڪي هن وقت رمانڊ تي آهن.

اميت ڊيسائي وڌيڪ چيو ته اين سي بي ان معاملي ۾ گهڻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي اهو سُٺو ڪم آهي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته انهن کي به گرفتار ئي رکو آزادي جن جو حق آهي.

اربع جي ڏينهن ٻڌڻي دوران اين سي بي آريان خان جي ضمانت واري درخواست جي ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ ان جو ڳانڍاپو غير قانوني منشيات جي گروپ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي.

اميت ڊيسائي عدالت کي چيو ته اين سي بي آريان خان جي خلاف انتهائي سنگين نوعيت جا جملا استعمال ڪيا آهن، مونکي شڪ ناهي انهن کي خبر آهي ته اين ڊي پي ايس ايڪٽ ۾ غير قانوني اسمگلنگ جو مطلب ڇا آهي.

آريان خان جي وڪيل اين سي بي جي الزام تي چيو ته ڇوڪرَي وٽان ڪجهه مليو ئي ناهي ته ان تي غيرقانوني اسمگلنگ جو الزام هڪ مزاق ۽ ڪوڙ آهي.

وڪيل پنهنجي دليلن دوران چيو ته ڪجهه ننڍا ٻار آهن، ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙي قسم جي منشيات قانوني آهي، ضمانت جي لاءِ وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي، انهن جي لاءِ ان معاملي کي وڌيڪ بدتر نه بڻايو وڃي، انهن کي گهڻي تڪليف ٿي وئي آهي ۽ ان معاملي کانپوءِ انهن سبق به سکي ورتو.

آريان جي وڪيل اهو به چيو ته نه ئي منشيات فروش آهن نه ڪنهن گروپ جو حصو آهن ۽ نه ئي اسمگلر آهن، اسان ملڪ جي سنورندڙ دور ۾ آهيون، منشيات استعمال جي جيڪا سزا اڳ ۾ 5 سال هئي انکي به هاڻي 2021 ۾ هڪ سال ڪيو ويو آهي.

ياد ڏياريندا رهون ته شاهه رخ پنهنجي پُٽ لاءِ ان ڪيس ۾ اڳ وڪيل ماني شندي هيو ۽ هن سلمان خان جي چوڻ تي ئي اميت ڊيسائي کي ڪيس جو وڪيل بڻايو آهي.