November 28, 2021

آريان جي معاملي تي شاهه رُخ خان انتهائي پريشان، ڪم رولڙي ۾، ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آريان خان جي معاملي تي بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان انتهائي پريشان آهي، هن پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ڏنو آهي ۽ نيٺ ملڪ ڇڏڻ جو به فيصلو ڪري ورتو آهي.

منشيات ڪيس ۾ بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي گرفتاري بحث جو موضوع بڻيل آهي، ان معاملي تي شوبز ستارن توڙي ڪنگ خان جي مداحن ۾ بيچيني جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته شاهه رخ خان کي پنهنجون مصروفيتون ڇڏڻ سبب وڏو مالي نقصان پڻ پهچي رهيو آهي.

نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) طرفان آريان جي گرفتاري کانپوءِ سندس ضمانت لاءِ ٻه ڀيرا ڪيل درخواست پڻ رد ٿي چڪي آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن سلمان خان جي صلاح تي شاهه رخ خان پٽ جي ضمانت جي درخواست لاءِ اميت ڊيسائي کي ڪيس ۾ وڪيل مقرر ڪيو ۽ ڪيس جي اڄ ٻڌڻي به ٿي.

پٽ جي گرفتاري کانپوءِ شاهه رخ خان انتهائي ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي، هن پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ڏنو آهي ۽ کيس وڏو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.

آريان جي گرفتاري هڪ پاسي شاهه رخ خان لاءِ معاشي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن ته ٻئي پاسي وري انتهاپسند به مسلسل بالي ووڊ اداڪار خلاف مهم هلائي رهيا آهن، جنهن کان تنگ ٿي شاهه رخ خان خاندان سميت ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب شاهه رخ خان تمام جلد مستقل طور ٻاهرين ملڪ منتقل ٿي ويندو.

آريان جي واقعي سان تاثر اڀري رهيو آهي ته مسلمان هجڻ سبب کيس نشانو بڻايو پيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو شاهه رخ خان ڀارت ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيو آهي.

واضح رهي ته ماضي ۾ به شاهه رخ خان تي انتهاپسندن طرفان مختلف قسمن جا الزام لڳندا رهيا آهن ته هو پاڪستان جو حمايتي آهي، کيس غدار جو لقب ڏيندي اهو پڻ چيو ويو ته هو پاڪستان هليو وڃي.