November 28, 2021

افغانستان جي شهر قنڌار ۾ ڌماڪو، 16 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڏکڻ واري شهر قنڌار جي مسجد ۾ جمعي نماز دوران ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

افغانستان جي گھرو وزارت جي ترجمان قاري سعيد خوستي چيو ته ڌماڪي جا تفصيل گڏ ڪري رهيا آهيون.

مقامي صوبائي ڪائونسل جي هڪ اڳوڻي ميمبر نعمت الله وفائي ٻڌايو ته مسجد ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو آهي.

ٻي پاسي مقامي اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 16 ڄڻا مارجي ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، زخمي کي طبي امداد لاءِ مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل جمعي تي به اتر واري شهر قندوز ۾ جي هڪ مسجد ۾ بم ڌماڪو ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن جي ذميواري داعش قبول ڪئي هئي.