November 28, 2021

خيبر پختونخواهه هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ کٽي ورتو

1 min read

لاهور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ٽيم نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جو ڪامياب دفاع ڪندي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

لاهور ۾ کيڏيل ايونٽ جي فائنل ۾ خيبر پختونخواهه جي ٽيم سينٽرل پنجاب کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

فائنل ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي سينٽرل پنجاب جي ٽيم 20هين اوور ۾ 148 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

سينٽرل پنجاب طرفان احمد شهزاد 48 ۽ ڪامران اڪمل 42 رنسن سان اڳڀرا رهيا، جڏهن ته ڪي پي طرفان ڪپتان افتخار احمد ۽ محمد عمران 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

جواب ۾ ڪي پي جي ٽيم مليل هدف سولائي سان 17 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ڪي پي جو ڪپتان افتخار احمد 45 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڪامران غلام 37 ۽ صاحبزاده فرحان 26 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو.

خيبر پختونخواهه جي ڪپتان افتخار احمد کي ميچ ۽ ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.