November 28, 2021

مزدور جي گھٽ ۾ گھٽ پگھار 25 هزار رهندي: عدالت جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گھٽ ۾ گھٽ 25 هزار پگھار مقرر ڪرڻ جي خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت پگهار مقرر ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت کي ٻيهر جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري جو چيو ويو آهي.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته پگھار بابت حڪومتي فيصلو برقرار رهندو، ڪميٽي ايندڙ فيصلي تائين مزدور جي گھٽ ۾ گھٽ پگھار 25 هزار رپيا ماهوار هوندي.