November 28, 2021

نسلا ٽاور جي رهواسين کي بلڊنگ خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ضلعي انتظاميا نسلا ٽاور جي رهواسين کي بلڊنگ خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

اوڀر ضلعي جي انتظاميا طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ نسلا ٽاور جي رهواسين کي 27 آڪٽوبر تائين بلڊنگ خالي ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

ضلعی انتظامیہ کے نوٹس کا متن

نسلا ٽاور کي خالي ڪرائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر فيروزآباد نوٽيس جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ نظرثاني درخواست به رد ڪري ڇڏي آهي.

نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪمشنر ڪراچي کي سپريم ڪورٽ جي هدايت تي عملدرآمد جي رپورٽ جمع ڪرائڻي آهي تنهنڪري بلڊنگ خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.