August 13, 2022

پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڀاڻي کان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب اوگرا پيٽرول شين جي اگھن ۾ ڦير ڦار جي سمري پيٽرول ڊويزن کي موڪلي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا طرفان پيٽرول جي قيمت 5 رپيا 90 پيسا في ليٽر تائين وڌائڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي.

ان کانسواءِ اوگرا ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر پوڻا 10 رپين تائين واڌ جي تجويز ڏني آهي.

واضح رهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ حتمي ڦير ڦار ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت بعد ڪندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube