August 13, 2022

اين اِي ڊي يونيورسٽي پاران ميٽرڪ جي بنياد تي داخلا ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ موجود ناليواري انجينيئرنگ يونيورسٽي (اين اِي ڊي) ميٽرڪ جي بنياد تي شاگردن کي داخلا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اين اِي ڊي يونيورسٽي تحت هنگامي سينڊيڪيٽ اجلاس رٿيو ويو، جنهن ۾ هلندڙ سال انٽر جي نتيجن ۾ دير ۽ شاگردن جو سال زيان ٿيڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

شرڪت ڪندڙن صلاح مشوري موجب شاگردن جي قيمتي سال کي بچائڻ لاءِ ايڊميشن پاليسي ۾ ترميم ڪئي، جنهن کان پوءِ هاڻ ميٽرڪ جي بنياد تي شاگرد داخلا حاصل ڪري سگهندا.

يونيورسٽي جي ترجمان موجب اهي سڀ شاگرد جيڪي اينٽري ٽيسٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو نمبر يا سيٽ ون ۽ ٽو جو امتحان هڪ خاص اسڪور تحت پاس ڪري چڪا آهن، اهي داخل جا اهل هوندا.

Follow by Email
YouTube
YouTube