November 28, 2021

بابر اعظم جي سالگرا،قيمتي ڪيڪ کان”ڪيڪ ڪٽڻ جو طريقو“ هزارَ ڀيرا مهانگو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم 27 سالن جو ٿي ويو، بابر پنهنجي ستاويهين سالگرا ملهائي.

عام طور تي ته اهو ئي ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو پنهنجي سالگرا جي خوشي ۾ مهانگي کان مهانگو ڪيڪ ڪٽي خوشي جو اظهار ڪندو آهي پر هي بابر اعظم جي ڪيڪ جي رقم ته پَڪ سان خبر ناهي پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته جنهن جاءِ تي اهو ڪيڪ ڪٽيو ويو ان جي لاءِ ڪيڪ کان هزارَ ڀيرا وڌيڪ خرچ ٿيو هوندو، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي ته اهي ڳرا خرچ بابر اعظم برداشت ڪيا يا ڪنهن ٻئي پر بهرحال اها سالگرا جي پارٽي انوکي ئي آهي.

35 ٽيسٽ، 83 ون ڊي ۽ 61 هڪ ڏينهن واري ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ بابر اعظم 15 آڪٽوبر 1994 تي لاهور ۾ پيدا ٿيو ۽ اڄ هن پنهنجي ستاويهين سالگرا ملهائي. پر اها سالگرا هن جي ٻين سڀني سالگرا تقريبن کان مختلف ۽ انوکي هئي.

بابر جي سالگرا جي تقريب 36 هزار فوٽ مٿي ٿي گذري، بابر جي سالگرا جي خوشين ۾ سندس ساٿي ڪرڪيٽرن، ٽيم آفيشلز ۽ رانديگرن جي خاندان جي ميمبرن به شرڪت ڪئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مينيجمينٽ بابر جي سالگرا کي يادگار بڻائڻ جي لاءِ ان جي سڀني پسنديده شين کي ڪيڪ جي صورت ڏني، جنهن ۾ ڀيٽ ۽ بال ته شامل هئا ئي پر بابر کي بادشاهه ڄاڻائيندي تاج به شامل ڪيو ويو، انکانسواءِ بابر جي پسنديدا آءِ فون، آءِ پوڊز ۽ ڪار جي صوبرت به ڪيڪ ۾ شامل هئي.

بابر پنهنجي ساٿي ڪرڪيٽرن سان گڏ سالگرا جو جشن ملهايو ۽ گهڻو لطف اندوز به ٿيو، سوشل ميڊيا تي هن جي مداحن به کيس سالگرا جون مبارڪون ڏنيون.