November 28, 2021

داعش جا سڀ ويڙهاڪ افغاني آهن، انهن جو خاتمو اڻٽر آهي: ذبيح الله مجاهد

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي سڌسماءَ ۽ ثقافت واري وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته داعش جو خاتمو اڻٽر آهي انهن جو خاتمو ڪري رهنداسين.

آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته چين افغانستان ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهي، چيني شهرين ۽ اثاثن جي سيڪيورٽي جي ضمانت تي چين سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهي.

ذبيح الله مجاهد چيو ته داعش طالبان جي لاءِ ڪو وڏو مسئلو ناهي، افغانستان ۾ داعش گهڻي انگ ۾ موجود ناهي، گذريل ڏينهن ۾ داعش جي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتارڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي ڊاٿو ويو.

هن چيو ته موقعي تي ڪارروائي ڪري داعش جي ڪيترن ئي حملن کي روڪيو، داعش جا سڀ ويڙهاڪ افغان آهن، انهن ۾ ڪو به غير ملڪي شامل ناهي، اسان طئي ڪري چڪا آهيون افغانستان مان داعش جو خاتمو ڪري رهنداسين.