November 28, 2021

ماءُ پيءُ کي وڊيو ڪال، آريان خان روئندو رهيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)منشيات ڪيس ۾ گرفتاري جي 12 ڏينهن کانپوءِ آريان خان جي ماءُ ۽ پيءُ سان وڊيو ڪال تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب قيدين جي جيل مان وارثن ۽ وڪيل سان وڊيو ڪال تي ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ جي سهولت ڀارت ۾ ڪورونا پابندين دوران متعارف ڪرائي وئي هئي ته جيئن قيدين کي ڪورونا جي امڪاني اثرن کان گهٽائي سگهجي.

ميڊيا رپورٽن موجب آريان خان کي ٻڌڻي کانپوءِ عدالت مان جيل منتقل ڪيو ويو هو جتي هن انتظاميا کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پيءُ جو نمبر ڏنو، جيل اختيارين سندس شاهه رخ خان ۽ گوري خان سان وڊيو ڪال تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي.

اختيارين ٻڌايو ته اها ڳالهه ٻولهه 10 منٽن تائين جاري رهي جڏهن ته جيال جي قاعدن ۽ قانونن موجب ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ آندل جوابدار کي مهيني ۾ 2 کان 3 ڀيرا پنهنجي وارثن ۽ وڪيل سان ڳالهرائي سگهجي ٿو.