November 28, 2021

”مدد لاءِ تيار آهيون، طالبان حڪومت قبول نه ڪنداسين“

انقرا(ويب ڊيسڪ) ترڪي جي پرڏيهي وزير چاوش اولو چيو آهي ته انساني همدردي جي بنيادن تي عوام جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر طالبان حڪومت قبول نه ڪنداسين.

عالمي پرڏيهي اداري موجب امارات اسلامي افغانستان جو پرڏيهي وزير امير الله متقي وفد سان گڏجي انقرار پهتو جتي سندس ترڪي جي هم منصب شاندار استقبال ڪيو.

ترڪ وزير چيو ته طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير سان ڊگهي ملاقات ٿي جنهن دوران افغان عوام کي پيش مسئلن ۽ گڏيل معاملن جي دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ملاقات دوران ترڪي جي پرڏيهي وزير افغان وفد کي جنگ سٽيل افغان عوام جي هر قسم جي مدد ۽ ترقي ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي.