ملڪ ۾ 9 ڏينهن، سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون گهڻا ڏينهن بند هونديون؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سي اين جي ڊيلر ايسوسيئيشن سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون سڀاڻي صبح کان وٺي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
ايسو سيئيشن موجب سڄي سنڌ ۾ ڇنڇر 16 آڪٽوبر کان صبح 8 وڳي کان وٺي سي اين جي اسٽيشنون بند هونديون.
ياد رهي ته سڄي ملڪ ۾ سي اين جي 9 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ايسو سيئيشن ٻڌاوي ته سنڌ ۾ سي اين جي 25 آڪٽوبر رات 8 وڳي موجود هوندي، سموريون اسٽيشنون کوليون وينديون.