November 28, 2021

نادرا پاليسي ۾ عورتن بابت وڏي تبديلي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) پاليسي ۾ تبديلي ڪري ڇڏي.

نادرا چيئرمين طارق ملڪ ڳوٺاڻين عورتن جي سالياني ڪانفرنس کي خطاب ۾ چيو ته نادرا پاليسي ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي ۽ شادي کان پوءِ هاڻ عورت جي مرضي آهي ته هوءَ پيءُ جو نالو لکرائي يا مڙس جو.

هن چيو ته عورتن جي رجسٽريشن لاءِ نادرا ۾ عورتن تي ٻڌل اسپيشل ڊپارٽمينٽ بڻايو ويو آهي.

نادرا چيئرمين موجب اسپيشل ڊپارٽمينٽ عورت جي رجسٽريشن جي پاليسي جوڙيندو.

هن چيو ته سڀني عورت کي ڪارڊ ٺهرائڻ گھرجي، جيڪب آباد ۾ 5 هزار عورتن جي رجسٽريشن تي سوشل ورڪر عورت کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.