November 28, 2021

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي حملو، 2 اهلڪار مارجي ويا

سري نگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي نامعلوم ماڻهن جي حملي ۾ 2 اهلڪار مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي پونڇ ۾ نامعلوم ماڻهن ڀارتي فوج تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، مارجي ويل اهلڪارن ۾ ڀارتي فوج جو آفيسر ۽ جونيئر ڪميشن اهلڪار شامل آهن.

واقعي کانپوءِ ڀارتي فوج جو وڏي انگ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، علائقي جي مک رستن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ اتي وڏي انگ ۾ ڀارتي فوج مقرر ڪئي وئي آهي ڪنهن کي به اچڻ وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.