November 28, 2021

وڏي وزير مراد علي شاهه جو ڪورونا صورتحال بابت بيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 18622 ٽيسٽون ڪيون ويون.

مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دورنا وڌيڪ 423 نوان ڪيس ۽ 5 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ فوتيگين جو گڏيل انگ 7525 ٿي ويو آهي، اڄ وڌيڪ 10877 مريض صحتياب ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيلن جو گڏيل انگ 445938 ٿي چڪو آهي، هيل تائين 6209047 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته هن وقت تائين سنڌ ۾ گڏيل طور تي 464261 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، هن وقت 21958 مريض علاج هيٺ آهن، 21254 گھرن ۾، 28 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 252 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 249 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، 15 مريض وينٽيليٽر تي آهن.