November 28, 2021

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني ٽيم دبئي پهچي وئي

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو اسڪواڊ (يو اي اِي) پهچي ويو.

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ دبئي پهچي وئي جتي هوءَ عالمي ايوينٽ لاءِ تيارين جي شروعات ڪندي.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم دبئي روانو ٿيڻ کان اڳ ٽوئيٽر تي پيغام ۾ چيو ته شوقينن جي سپورٽ اسان لاءِ گهڻي اهم آهي تنهنڪري هو اسان جو ساٿ ڏين، اسان کي سپورٽ ڪن ۽ اسان لاءِ دعائون ڪن.

پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي مهم جي شروعات کان اڳ ٻه وارم اپ ميچ به کيڏندي.

گرين شرٽس جو پهريون وارم اپ ميچ دفاعي چيمپيئن ويسٽ انڊيز سان 18 آڪٽوبر تي ٿيندو جڏهن ته ٻيون وارم اپ ميچ 20 آڪٽوبر تي ڏکڻ آفريقا جي خلاف کيڏي ويندو.

قومي ٽيم عالمي ڪپ ۾ پنهنجي مهم جي شروعات 24 آڪٽوبر کان روايتي مخالف ڀارت جي خلاف ميچ سان ڪندي جنهن کان پوءِ ٻين ميچ 26 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ جي خلاف کيڏي ويندي.

عالمي ڪپ ۾ پاڪستان جي ٽين ميچ 29 آڪٽوبر تي افغانستان ۾ ٿيندي جنهن کان پوءِ 31 مارچ تي ايندڙ ميچ ڪواليفائر جي خلاف کيڏي ويندي.

پاڪستان جي ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي آخري گروپ ميچ 7 نومبر تي ڪواليفائر جي خلاف کيڏندي.

ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني ٽيم جي اڳواڻي بابر اعظم ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ شاداب خان، آصف علي، سرفراز احمد، حيدر علي، حارث رئوف، حسن علي، عماد وسيم، شعيب ملڪ، محمد حفيظ، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم، شاهين آفريدي ۽ فخر زمان شامل آهن.